ڌرتي ماتا

ڌرتي ماتا

ڌرتي ماتا

ڌرتي ماتا (ڪتاب): هنگلاج ۽ لاهوت جي ڏورانهين سفر ۽ دنيا جي ڌرتي ماتائن تي لکيل هن معلوماتي ڪتاب جو مصنف اشتياق انصاري آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي برن، جھنگلن، چشمن، جبلن ۽ جبلن ۾ٺهيل مورتين ۽ انهن مورتين سان جڙيل قصن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ هنگلاج جي ياترين، ديوتائن، ديوين ۽ انهن جي آستانن تي ٿيندڙ ميلن ۽ رسمن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ مصنف لکي ٿو ته: سنڌو ماٿري ۽ دنيا جي ٻين هنڌن تان هٿ آيل ڌرتي ماتا جي مورتي تي جڏهن پهريون دفعو غور ڪيو ويو ته ان ننڍين مورتين پويان وڏي فلاسافي ۽ هڪجھڙائي نظر آئي ۽ موهن جي دڙي جي ڌرتي ماءُ جي مورتيءَ کي برازيل، ترڪي يا آسٽريا مان لڌل مورتي سان ملايون ٿا ته اسان کي ڌرتيءَ تي انسان جو ڏاڪي به ڏاڪي شعورجڻ جو تسلسل ۽ رابطو نظر اچي ٿو. معلومات جي هن کاڻ کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جي پهرين حصي ۾ هنگلاج، سونمياڻي شهر، حب ندي، سناتن ڌرم، دراوڙ قوم ۽ آتما جھڙن موضوعن کي چٽيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ هندو مذهب جي ديوتائن، جن ۾: برهما، وشنو، شِوَ، سوريه پنٿ ۽ ان کانسواءِ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان مختلف دؤر کي پڻ مختصر بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ دنيا جي مشهور ڌرتي ماتائن يعني ديوتائن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي آخري ڀاڱي ۾ سنڌ جي قديمي تيرٿ آستانن جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ گورکناٿ جو آستان، ڪالي ماتا جو آستان ۽ ميلو، هنگلاج ديويءَ جي پيدائش وغيره شامل آهي. 356 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه 200 روپيا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ ڌرتي ماتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو